0
9
سنڌ جو هڪ سهڻو رنگ، سنڌ جا ڪنڀار بہ آهن جيڪي صدين کان هتي آباد آهن ۽ سندس مٽي مان ٺاهيل ٿانو بہ صدين کان ماڻهن جي ضرورت پوري پيا ڪن ۽ اڄ بہ هو پنهنجي حيثيت رکن ٿا۔
وقت سان گڏ جڏهن هن جديد دور ۾ نئين ٽيڪنولوجي هن هنر تي هاوي ٿيندي وڃي اِن ڪري ڪنڀارن جي ٿانئن جي اهميت گھٽ ٿيندي پئي وڃي پر پوءُ بہ اڃان ڳوٺن ۾ مٽي جا ٿانو گھڻن ڪم ۾ ڪتب آندا وڃن ٿا۔
اسان جي گذارش آهي، وقت جي حڪمرانن کي تہ هو سنڌ جي هن قديم هنر کي بچائين ۽ ڪنڀارن جي بقاءُ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ تہ جئين ڪنڀارڪو هنر زنده رهي ۽ ڪنڀار برادري بہ معاشي طور ترقي ڪري سگھن۔